سنڌي ادب1

سنڌي ادب1

سنڌي ادب1

سنڌي ادب1

سنڌي ادب1

سنڌي ادب1 (ڪتاب): هي ڪتاب پير حسام الدين شاهه راشديءَ، 1952ع ڌاري اردو زبان ۾ لکيو. هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ’سنڌي ادب‘ جي عنوان سان ئي 1981ع ڌاري غلام محمد لاکي ڪيو. پير حسام الدين راشديءَ هن ڪتاب کي اردوءَ ۾ ان ڪري تحرير ڪيو، جو هندستان مان آيل مسلمان پڻ سنڌي ادب متعلق مناسب ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. هي ڪتاب پهريون ڀيرو ڪراچي مان ’پاڪستان پبليڪيشن‘ پاران 1952ع ۾ شايع ٿيو. ان وقت هڪ رٿا تحت پاڪستان جي ٻين مقامي ٻولين جي ادب متعلق ڪتاب شايع ٿيا هئا. هن ڪتاب جي اشاعت هند سنڌ توڙي ماسڪو ۽ يورپ ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي اڀياس لاءِ نيون راهون هموار ڪيون. هن ڪتاب جو روسي ترجمو مس ييگوروا رئيسا (Miss Yegorora Raissa) 1963ع ڌاري ڪيو، جيڪو Institute of People of Asia, The Science Academy of the USSR Moscow پاران شايع ڪيو ويو.
سنڌي ادب جي تاريخ جي لحاظ کان هي پهريون ڪتاب آهي، جيڪو پنهنجي هيئت ۽ تاڃي پيٽي جي تشڪيل ۾ مڪمل ماخذ جي حيثيت رکي ٿو. راشدي صاحب هن ڪتاب جو سٽاءُ هن طرح سان ڪيو آهي: (1) سنڌي ٻولي جي تاريخ، (2) سنڌي ٻوليءَ جو ادب، (3) ارغون، ترخان ۽ مغل دور جو ادب، (4) ڪلهوڙن جي دور جو سنڌي ادب، (5) ٽالپوري دور جو سنڌي ادب، (6) برطانوي دور جو ادب، (7) موجوده پاڪستاني دؤر، (8) سنڌي شاعري جون صنفون. پير صاحب سنڌي ادب جي تاريخ ۽ سنڌي زبان جو هڪ واضح نقشو ڏنو آهي، جنهن کي سياسي دورن ۾ ورهائي مختلف بابن ۾ نمايان ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ ڪجهه قدر خاميون پڻ آهن، جيڪي دراصل مواد جي کوٽ سبب پيدا ٿيون آهن. ان جي باوجود به هي ڪتاب ادبي تذڪره نگارن ۽ مورخن لاءِ بيحد ڪارائتو ثابت ٿيندو رهيو آهي.
هن ڪتاب مان ڪيترن ئي محققن سنڌي ادب جي تاريخ لاءِ حوالا کنيا آهن. مثلاً: لالسنگهه اجواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ’هسٽري آف سنڌي لٽريچر‘ (1970ع) ۾ هن ڪتاب تان ڪيترائي حوالا کنيا آهن. الهه بخش نظاماڻي ’لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ‘ (1971ع) ۾ پڻ هن ڪتاب تان تمام گهڻي مدد ورتي آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-’سنڌي ادب جو تاريخي جائزو‘ (1972ع) ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو- ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘ 1973ع ۾ پڻ هڪ اهم ماخذ طور هن ڪتاب جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ترتيب ڏنل تاريخ جي سٽاءُ بلڪل ’سنڌي ادب‘ سان ملي ٿو. ڊاڪٽر شمل جرمن اسڪالر، 1974ع ۾ ’سنڌي لٽريچر‘ نالي مختصر ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ پڻ ’سنڌي ادب‘ تان ڪيترائي حوالا کنيل آهن. انهن سڀني ڳالهين کي ڏسندي راشدي صاحب جو هي ڪتاب هڪ طرف هندستان کان آيل مهاجرن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيو ته ٻي پاسي هي سنڌي ادب جي تاريخ جو تمام مکيه، اهم ۽ هڪ ضروري بنيادي ماخذ ثابت ٿيو آهي.
هن ڪتاب جي غلام محمد لاکي واري ترجمي جو پهريون ڇاپو، گرامي پبليڪيشن دولتپور شايع ڪيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو، سنڌ تحقيقي بورڊ 1996ع ۾ ڊيمي سائيز ۾ شايع ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو